ڀٽي مخدوم محمد صالح

ڀٽي مخدوم محمد صالح: مخدوم محمد صالح پٽ مخدوم ميان محمد ابراهيم بزرگ ڀٽي ’صوفي ‘ 8 محرم الحرام 1305ھه مطابق 25 سيپٽمبر 1887ع ۾ هالن پراڻن ۾ ڄائو ، سندس نسب سترهين پيڙهيءَ ۾ مخدوم عبدالله سان لڳي ٿو ، مخدوم عبدالله جو اصلوڪو نالو ارجن بن وريه ( وريو ) هو ۽ هو جيسلمير جو حڪمران هو ، جنهن کي مخدوم بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ مسلمان ڪيو ۽ سندس اسلامي نالو مخدوم عبدالله رکي سنڌ ۾ اسلام جي تبليغ لاءِ مقرر ڪيو . هي واقعو سوا ڇهه سؤ هجريءَ ڌاري جو آهي . سندس عالي نسب اڳتي وڌي ، شري رامچندر پٽ راجا دسرت سان وڃي لڳي ٿو ، جنهن کي هندو اوتار ڪري مڃين ٿا .
مخدوم عبدالله مسلمان ٿيڻ کان پوءِ اول ڳاهوٽ ويجھو هڪ ڳوٺ ۾ سڪونت اختيار ڪئي ، پر پوءِ ڳوٺ ماڙي محمد خان لڳ ڀاڻوٺ ويجھو اچي رهيو ، جتي سندس آخري آرامگاهه آهي . سندس پڙ پوٽا مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد اسحاق 900 هه /1494ع ڌاري اسلام پور ( هالا ڪنڊي ) ۾ اچي رهيا ، جو ڳوٺ 1779ع ۾ درياهه جي ٻوڏ سبب ٻُڏي ويو ، پوءِ بزرگن جا نعش اتان کڻائي هاڻوڪي هالن پراڻن ۾ آندا ويا . انهيءَ وقت حضرت مخدوم نوح رح جي نعش مبارڪ پڻ اسلام پور مان کڻائي هاڻوڪن هالن نون ۾ آندي وئي . هن خاندان جا ڪيترا بزرگ ٿر ، ڪڇ ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ڏانهن لڏي ويا . اسلام پور کان لڏيندي 1779ع ڌاري ڀٽي بزرگن جا باقي ڪي وڃي گھر هالن پراڻن ۾ بچيا هئا . مخدوم محمد صالح جي والد مخدوم محمد ابراهيم ٽي شاديون ڪيون ، جنهنڪري خانداني تنازعن سبب مخدومن ۽ خليفن جا قبيلا ڇڄي ڌار ٿي پيا . اهڙيءَ طرح ننڍپڻ کان وٺي مخدوم محمد صالح جي سنڀال سندس مامن هر هڪ خليفي عبدالرحمان ، خليفي محمد ڪبير ۽ خليفي محمد جعفر ڀٽيءَ جي زير نظر ٿي . سنڌي چار درجا پنهنجي ڳوٺ هالن پراڻن ۾ پاس ڪري انگريزي تعليم لاءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان 1902ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين . شاگرديءَ جي وقت کان وٺي کيس مضمون نويسي ۽ ڪلام گوئيءَ جو شوق هو . نوڪريءَ واري عرصي دوران پاڻ هيٺيان ڪتاب لکيائين:
( 1 ) سيدة النساء ( 2 ) بي بي رابعه بصري ، ( 3 ) منصور حلاج ، ( 4 ) صديق اڪبر ، ( 5 ) عروس ڪربلا ، ( 6 ) سقراط ، ( 7 ) اخلاقي جواهر ، ( 8 ) منهاج المومنين .
1944ع ۾ پينشن تي لهڻ بعد هيٺيان ڪتاب لکي پاڻ ئي شايع ڪرايائين: ( 1 ) اسان جو پيارو آقا ، ( 2 ) فاروق اعظم ، ( 3 ) واندڪائي جي وندر ، ( 4 ) فتوحات اسلام . ان کان پوءِ سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيا: ( 1 ) ڪيڏارو احسان فقير ، ( 2 ) ڪلام مخدوم عبدالرؤف ڀٽي ، جڏهن ته هيٺيان قلمي نسخا اڻ ڇپيل صورت ۾ سندن پونئيرن وٽ محفوظ آهن . ( 1 ) المرتضيٰ ( 2 ) حيات سعدي ( 3 ) مضامين متفرقه ( 4 ) ڪلام صالح .
مخدوم صاحب جيڪي به ڪتاب لکيا ، سي پنهنجي خرچ سان ڇپايائين انهن جو نفعو بزرگن جي جامع مسجد لاءِ وقف ڪيائين ۽ الله پاڪ ان مسجد جي تعمير جي تمنا سندس حياتيءَ ۾ ئي پوري ڪئي . سندس ڪتاب سنڌ ۾ وري وري شايع ٿيا آهن ۽ گھڻي قدر مقبول آهن . ان کانسواءِ پاڻ درسي ڪتاب پڻ لکيائين ، جي سنڌ جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ پڙهايا ويا .
جيتوڻيڪ شعر گوئيءَ جو شوق شاگرديءَ جي وقت کان هئس ، پر 1935ع ڌاري ان فن ۾ پنهنجو استاد محترم محمد صديق ’مسافر ‘ کي مڃيائين ، جنهن لاءِ کيس نهايت عزت هئي . سندس اڪثر ڪلام رسول پاڪ ، اهلبيتن ۽ اصحابن جي شان ۾ چيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو